ڪراچي سنڌ جي اطلاعات اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاھ سان ترڪيه جي قونصل جنرل جمال سانگو ملاقات ڪئي. جنهن ۾ اقتصادي سهڪار، مختلف شعبن ۾ وفدن جي تبادلن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي اطلاعات اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاھ چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي ٻطرفي برادراڻا تعلق ڪيترن ئي ڏهاڪن تي لاڳاپيل آهن. هن وڌيڪ چيو ته استنبول ۾ پاڪستان جي سنگل ڪنٽري نمائش جي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. محمد احمد شاھ چيو ته ترڪيه هر مشڪل گھڙي ۽ قدرتي آفتن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. ان موقعي تي ترڪيه جي قونصل جنرل جمال سانگو ترڪيه پاڪستان سا لاڳاپن کي تمام اهميت ڏيندو آهي. هن چيو ته استنبول ۾ پاڪستاني ڪمپنين جي نمائش جو اهتمام ڪيو ويندو. ان موقعي تي صوبائي وزير محمد احمد شاھ ترڪيه جي قونصل جنرل کي گلدستو به پيش ڪيو. سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نديم الرحمان ميمڻ، ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز محمد سليم خان ۽ ڊائريڪٽر پريس انفارميشن اختر علي سورهيو به ان موقعي تي موجود هئا.
هينڊ آئوٽ نمبر….50 اي اي ايس